شاهنواز ڏاهاڻي جوفرا آرچر ٿيڻ جو خواهشمند

لاهور: زمبابوي خلاف ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي انگلينڊ جي جوفرا جهڙو بالر ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو.
شاهنواز ڏاهاڻي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو ۽ پوءِ پي ايس ايل جو ڇهون ايڊِيشن هن جي سڃاڻپ بڻجي ويو، پي ايس ايل ۾ هن پنهنجي انداز سان ڪافي مشهوري ماڻي هن وقت شاهنواز زمبابوي خلاف ٽيسٽ جي اسڪواڊ ۾ شامل آهي.
نوجوان فاسٽ بالر چوي ٿو منهنجو خواب هو ته جلد کان جلد پاڪستان جي نمائندگي ڪيان، آئون خوش َآهيان جو مونکي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪڏهن موقعو مليو ته ڊيبيو تي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
هن جو چوڻ آهي ته آئون هن وقت ڪوچز سان ملي سوئنگ تي ڪم ڪري رهيو آهيان، آئون هڪ نه پر ٽنهي فارميٽ ۾ کيڏڻ چاهيان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔