ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي هڪ کان نو آڪٽوبر تائين ڍاڪا ۾ ٿيندي

لاهور:ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي هڪ کان نو آڪٽوبر تائين ڍاڪا ۾ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ايشيا هاڪي جو هي معتبر ترين ايونٽ 01 فيبروري کان 09 آڪٽوبر تائين بنگلاديش جي شهر ڍاڪا ۾ کيڏيو ويندو، پاڪستاني ٽيم به ان ۾ شرڪت ڪندي.
ان کان پهريان نومبر 2020 ۾ شيڊول ايونٽ ڪووڊ 19 جي ڪري دير جو شڪار ٿي ويو هو، مينز ايشينز چيپئنز ٽرافي جي تاريخن جي تصديق بنگلاديش جي هاڪي فيڊريشن سان ٿي آهي ۽ عالمي هاڪي فيڊريشن پڻ ان جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ ايونٽ جو ڇهون ايڊيشن ڍاڪا جي ڀاشاني نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ ٿيندو، ايونٽ ۾ جاپان، ڀارت، پاڪستان، ڪوريا، ملائشيا ۽ ميزبان بنگلاديش جون ٽيمون حصو وٺنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔