سڄي ملڪ ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ 2 ڏينهن جي لاءِ بند

ڪورونا ڪيسز ۾ واڌاري کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن بند رکي ويندي .

سنڌ، پنجاب ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ٽرانسپورٽ بند رهندي ،بين الصوبائي ٽرانسپورٽ 25 اپريل تائين هفتي ۾ ٻه ڏينهن بند رهندي .

پابندي جي ڪري شهري پبلڪ ٽرانسپورٽ تي هڪ کان ٻئي صوبي ڏانهن سفر نه ڪري سگهندا .

ٽرانسپورٽرز  پاران حڪومت کي باقي ڏينهن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي .

انتظاميا جو ان بابت چوڻ آهي ته ايس او پيز جي خلاف ورزي تي ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروائيون ڪيون وينديون .وفاقي گادي واري شهر جا سمورا بس اڏا به ڪورونا ايس او پيز هيٺ اڄ رات 12 وڳي کان بند ڪيا ويا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔