اسلام آباد: ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 10هوٽل سِيل

اسلام آباد: وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي انتظاميه شهر ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪندي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 10 هوٽلن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آبادجي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 10 دڪانن کي به سيل ڪيو ويو آهي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 23 ڄڻن کي گرفتار جڏهن ته 64 هزار کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 100 فوتگيون ٿيون آهن ۽ 5 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون  آيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔