ن ليگ کي فوج خلاف ڳالهائڻ جي قيمت ڀرڻي پوندي: شيخ رشيد

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مسلم ليگ ن کي فوج خلاف ٻولي استعمال ڪرڻ جي قيمت ڀرڻي پوندي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻيا ادارا ڏاڍو سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، پوءِ به ايف آءِ اي ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ ڪوشان آهيون، ملڪي معيشت درست رخ ڏانهن آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بهتر آهي، چين ۽ ٻين ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن، عمران خان جي لاءِ خير ڏسي رهيو آهيان، هن جي خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي، عمران خان 5 سال پورا ڪندو ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ به ڄمي مقابلو ڪندو. شيخ رشيد چيو ته پي ڊي ايم ختم ٿي چڪي آهي، مولانا فضل الرحمان کي چيو هو ته ٻارن جي هٿن ۾ نه اچي توهان خراب ٿيندا، مولانا فضل الرحمان جي سياست کي ڏاڍو نقصان رسيو آهي، پيپلز پارٽي جي قيادت سمجهدار آهي، پر ن ليگ کي فوج جي خلاف زبان استعمال ڪرڻ جي قيمت ڀرڻي پوندي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته عمران خان جي لاءِ مخالف ڌر ڪو چيلينج ئي ناهي، رڳو مهانگائي چيلينج آهي، ۽ هو مهانگائي به ڪنٽرول ڪندو، رمضان پيڪيج جو اعلان جلد ڪيو ويندو، غريب طبقن کي گهرن جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ جلد انصاف ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔