ڊسڪه اليڪشن، فائرنگ جي واقعي تي ن ليگ طرفان ڪيس داخل ڪرڻ درخواست

لاهور: ڊسڪه اين اي 75 جي علائقي ڪسووال ۾ فائرنگ جي واقعي تي مسلم ليگ ن جي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پوليس کي درخواست ڏئي ڇڏي. مسلم ليگ ن طرفان پوليس کي ڏنل درخواست ۾ اقبال راڻا، اعظم، فضل تتلا ۽ وسيم تتلا نامزد آهن جڏهن ته 10 اڻ ڄاتل ماڻهن جا نالا به شامل آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ مهم دوران جوابدارن اسان جون گاڏيون روڪيون ۽ فائرنگ ڪئي، جوابدارن اڳوڻي ايم پي اي ڪنول بيبي کي گاڏي مان لاهي چماٽون هنيون، ۽ اسان جي هڪ ساٿي احمد بٽ کي اغوا ڪري ويا. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته خدشو آهي ته جوابدار مغوي کي ماري ڇڏيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔