اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت عيد کانپوءِ سڀني شهرين لاءِ ڪورونا ويڪسين جي رجسٽريشن جو منصوبو ٺاهي رهي آهي. اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٽين لهر جي حوالي سان ايندڙ 5 کان 6 هفتن کي اهم قرار ڏنو ۽ چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي ڳڻتي جوڳن مريضن جو انگ پهرين لهر کان وڌيڪ آهي، جيڪا پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي، ايس او پيز تي عمل ڪري ڪيس جي شرح گھٽائي سگهجي ٿي. هن چيو ته ويڪسينيشن لاءِ چين پاڪستان جو بنيادي ذريعو آهي، جڏهن ته عيد کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪين سينو ويڪسين به دستياب هوندي، عيد کانپوءِ اسان روز هڪ لک 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جي قابل هونداسين.