پاڪستان ۾ ڪورونا جي هڪ ٻي ويڪسين جي هنگامي استعمال جي اجازت

ڪراچي: ڪراچي ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي ڪورونا جي هڪ ٻي ويڪسين جي هنگامي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب ڊريپ رجسٽريشن بورڊ ”ڪورونا ويڪ“ نالي ويڪسين جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهن کي 2 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ تي رکي سگهجي ٿو. ذريعن موجب ڪورونا ويڪ منظوري حاصل ڪندڙ پنجين ويڪسين آهي جيڪا چين، برازيل، انڊونيشيان ۽ ترڪي سميت ٻين ملڪن ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪورونا ويڪ جي ايفيشينسي 50 کان 60 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي ۽ ويڪسين جي افاديت گهٽ آهي پر ٽئين لهر ۾ ڪارآمد ٿي سگهي ٿي، ڪورونا ويڪ جي ويڪسين به ٻن ڊوز تي ٻڌل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔