جاويد لطيف پاڪستان ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت وڃي وٺي: لاهور هاءِ ِڪورٽ

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف خلاف بغاوت وارو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست اُڪلائي ڇڏي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ن ليگي ايم اين اي جاويد لطيف خلاف بغاوت وارو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ليگي اڳواڻ جاويد لطيف عدالت ۾ پيش ٿيو. جاويد لطيف پنهنجي خلاف ڪيس کي چيلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته پنجاب پوليس طرفان بي بنياد الزامن جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، حڪومت طرفان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي، ڪيس ۾ ماتحت عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪري رکي آهي، درخواستگذار هڪ سياسي ڪارڪن آهي، عوامي نمائندگي جي مينڊيٽ تحت قانون جي پاسداري تي يقين رکان ٿو، منهنجي خلاف ڪيس کي ڪالعدم قرارڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ چيو ته ڪاري ڪوٽ واري پاڪستان ٺاهڻ ڪردار ادا ڪيو هو، جيڪو شخص ملڪ جي خلاف ڳالهائيندو ان کي ريليف نه ڏيندس، پهرين هن ملڪ جي خلاف ڳالهه ڪرڻ ۽ پوءِ انهيءَ ملڪ جي عدالتن وٽ ريليف وٺڻ کان اچڻ، ائين نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔