کنڊ اسڪينڊل ، جهانگير ترين ۽ سندس خاندان جا 36 اڪائونٽ منجمند

اسلام آباد: چيني سٽا مافيا ۽ جي ڊي ڊبليو ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ جهانگير ترين ۽ ان جي خاندان جا 36 اڪائونٽس منجمند ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب 9 سرڪاري ۽ خانگي بينڪن جهانگير ترين ۽ ان جي خاندان جا 36 اڪائونٽس منجمند ڪري ڇڏيا آهن .

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڪائونٽس ايف آءِ اي لاهور جي درخواست تي منجمند ڪيا ويا آهن .

ذريعن موجب جهانگير ترين ۽ ان جي خاندان جا 4 آمريڪي ڊالرز، 2 برطانوي پائونڊز ۽ 30 پاڪستاني ڪرنسي جا اڪائونٽس منجمند ڪيا ويا آهم.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪي اڪائونٽس منجمند ڪيا ويا آهن انهن ۾ علي ترين جا 21، جهانگير ترين جا 14 ۽ سندس گهرواري جو هڪڙو اڪائونٽ شامل آهي .

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته منجمند اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپين جي رقم موجود آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔