جنهن تي به الزام آهن اهي قانون کي منهن ڏين: وزيراعظم عمران خان

لاهور: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جنهن تي به الزام آهن اهي قانون کي منهن ڏين ، عدالتون انصاف فراهم ڪنديون .

لاهور جي دوري دوران نيا پاڪستان منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مديني جي رياست ۾ قانون مڙني لاءِ برابر آهي ، رياست مدينا کي عملي ويس پارايو ويندو.

عمران خان چيو ته قانون سڀني لاءِ هڪ آهي ، ڪو به قانون کان مٿاهون ناهي، مون سميت سڀئي قانون جي آڏو جوابده آهن .

وزيراعظم عمران خان اهو به چيو ته نئين پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي هوندي .

ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو هو ته ان تي بي بنياد الزام لڳايا پيا وڃن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔