سنڌ جَي اسپتالن ۾ غيرمعياري دوائن ۽ ٻارن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن جِي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي: سنڌ جَي اسپتالن ۾ غيرمعياري دوائن ۽ ٻارن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن جِي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي ، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ غيرمعياري دوائون رکڻ سان گڏ فنڊز ۾ گهوٻيون هنيون پيون وڃن، آر او پلانٽس جي نالي تي به هڪ ڪمپني کي اربين رُپين جو فائدو ڏنو ويو، عدالت کي آرو او پلانٽس جي منصوبن جي به جاچ ڪرائڻ ۽ گوڙاڻو ڊئم جي متاثرن کي معاوضو ڏيارڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔