پاڪستان: 9 لک 36 هزار کان وڌيڪ شهرين جي ويڪسينيشن مڪمل

اسلام آباد: پاڪستان ۾ هن وقت تائين 9 لک 36 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا جي ويڪسين لڳي چڪي آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن موجب 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي واڪ ان ويڪسين نيشن 3 اپريل کان جاري آهي، 65 سالن ۽ وڌيڪ عمر جا ماڻهو ويجهي سينٽر مان ان اسپاٽ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا.
اين سي او سي موجب 60 کان 65 سالن وارا ماڻهو رجسٽريشن کان پوءِ ويڪسينيشن ڪرائي سگهن ٿا جڏهن ته 50 کان 59 سالن جي عمر جا ماڻهو وڪسينيشن لاءِ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔