صوابي ۾ قتل ڪيل جج جو ڪيس سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي صدر ۽ ٻين تي داخل

پشاور: صوابي ۾ قتل ڪيل جج جو ڪيس سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي صدر ۽ سندس پٽ سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مقتول جج آفتاب آفريدي جي ڀاءُ سعيد آفريدي سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي صدر عبدالطيف آفريدي ۽ سندس پٽ سميت 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي. سعيد آفريدي جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀاءُ کي لطيف آفريدي سندس پٽ دانش، جمال، عابد ۽ محمد شفيق ذاتي دشمن تان قتل ڪيو آهي. هن چيو ته اسان تيستائين لاش وصول نه ڪنداسين جيستائين قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو. جڏهن ته صوابي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جَي جج آفتاب آفريدي ۽ سندس 4 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيا، ايف آءِ آر ۾ نامزد سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عبداللطيف آفريدي الزام رد ڪري ڇڏيا، عبداللطيف آفريدي جو چوڻ آهي ته مٿس جج کي قتل ڪرڻ جا الزام غلط آهن، پوليس اڻڌري جاچ ڪري اسان ساڻس سهڪار ڪنداسين: جج جَي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔