تائيوان ۾ مسافر ٽرين پٽڙي تان لهي وئي، ايڪيتاليهه ڄڻا اجل جو شڪار

تائيوان: تائيوان ۾ مسافر ٽرين حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جي نيجي ۾ 41 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب واقعو اوڀرين تائيوان جي علائقي ۾ پيش آيو جتي مسافر ٽرين هڪ سرنگ ۾ حادثي جو شڪار ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسافر زخمي به ٿيا آهن. جڏهن ته هن حادثي کي 40 سالن جي دوران بدترين حادثو قرار ڏنو پيو وڃي.ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 8 ڊٻن تي ٻڌل مسافر ٽرين ۾ 350 مسافر سوار هئا جنهن کي مقامي وقت موجب صبح جو تقريبن ساڍي نائين وڳي حادثو پيش آيو.تائيوان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جو چوڻ آهي ته مسافر ٽرين سرنگ جي اندر پٽڙي تان لٿي جنهن سبب حادثو پيش آيو. حادثي ۾ 40 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي سرنگ ۾ ڦاٿل هجڻ جا به اطلاع آهن جن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ ڪارروايون جاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔