سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري کان اڳ خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ دادو جي ڊي ايف سيز کي هٽايو ويو

ڪراچي: سنڌ جَي خوراڪ کاتي ڪڻڪ خريداري شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ دادو جي ڊي ايف سيز کي هٽائي ڇڏيو، اسسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولرز کي ڊي ايف سيز جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، گهوٽڪي مان رفيق شاهاڻي کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، حيدرآباد مان محمد علي چنڙ کي بدلي ڪري ڊي ايف سي گهوٽڪي مقرر ڪيو ويو، ڊي يف سي شهيد بينظير آباد وشنداس تلريجا کي بدلي ڪري سانگهڙ ۾ مقرر ڪيو ويو، مٽياري مان علي محمد ٽالپر کي هٽائي ميرپورخاص ۾ مقرر ڪيو ويو، اڪرم مغيري ڊي ايف سي مٽياري مقرر: ميرپورخاص جي ڊي ايف سي مجيد ڀنڀرو کي بدلي ڪري حيدرآباد ۽ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اي ايف سي نثار ميمڻ کي ڊي ايف سي شهيد بينظيرآباد مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري: ڊي ايف سي خيرپور الهورايو ڪيريو کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، دلشاد سومرو ڊي ايف سي خيرپور مقرر: محمد اسلم ڊي ايف سي نوشهروفيروز مقرر، محمد اسلم کي ڊي ايف سي شڪارپور مقرر ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔