جيستائين عمران خان ملڪ مٿان مڙهيل آهي، مهانگائي گهٽ نه ٿي سگهندي: مريم اورنگزيب

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته کنڊ، اٽو، تيل، بيضا ۽ دوائون ان وقت تائين سستيون نه ٿينديون جيستائين عمران خان ملڪ مٿان مڙهيل آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته هن وقت ملڪ تي نااهل، نالائق ٽولو مڙهيل آهي جيڪو عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيو آهي. ڪنٽينر تي چڙهي ڪوڙ ڳالهايا ويا. 2014 کان هينئر تائين حڪمران ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. هي چوندا هئا  ته جڏهن مهانگائي ٿيندي آهي ته وزيراعظم چور هوندو آهي هي چور چور جو به گوڙ ڪن ٿا ۽ وري عوام کي ڦرين به پاڻ ٿا. کنڊ، اتو، تيل بيضا ۽ دوائون ان وقت تائين سستيون نه ٿينديون جيستائين هي ملڪ مٿان مڙهيل آهن.

مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف ڪمند جي قيمت 180 روپيه رکي ته جيئن هارين کي پريشاني نه ٿئي. اسان جي دور ۾ 52 روپيه ۾ وڪرو ٿيندڙ کنڊ اڄ 120 روپيه ڪلو ٿي وئي. کنڊ ڪميشن ٺهيو ته کنڊ 72 روپيه ڪلو هئي پر اڄ کنڊ 120 تائين پهچي چڪي آهي. حڪمران کنڊ انڪوائري ڪميشن رپورٽ تي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. ڪميشن رپورٽ ۾ جن ماڻهن کي ذميوار ڪيو ويو اهي ملڪ مٿان مڙهيل آهن.

(ن) ليگ ترجمان جو چوڻ هو ته شهزاد اڪبر کي سينيٽ جي ٽڪيت نه ملي ان لاءِ هو اڄڪلهه خاموش آهي. نديم بابر کي 122 ارب جي ايل اين جي ۾ ڌاڙو هڻڻ کان پوءِ هٽايو ويو. پيٽروليم بحران تي نديم بابر کي صرف هٽائڻ نه گهرجي پر عمران خان سان گڏ جيل ۾ وجهڻ گهرجي. جنهن کي هي چور چوندا هئا ان جي دور ۾ 35 روپيه ڪلو اٽو هو، اڄ 80 روپيه ڪلو اهي. جنهن کي هي چور هوندا هئا ان جي دور ۾ آنا  80 روپيه درجن وڪرو ٿيندا هئا. جيڪي 200 روپيه درجن وڪرو ٿي رهيا آهن. هي چوندا هئا ته نوازشريف ۽ شهباز شريف سبب کنڊ جي قيمت مٿي هيٺ ٿيندي آهي. اوهان جا ڪاغذ لهرائڻ سان نوازشريف، شهباز شريف ۽ حمزه چور نه ٿيندا.

ايف آءِ اي چيو آهي ته عمران خان، عثمان بزدار، خسرو بختار ۽ جهانگير ترين کنڊ چور آهن. هاڻ ثبوت نديم بابر، جهانگير ترين، خسرو بختيار ۽ عثمان بزدار جي خلاف آهن. اٽو، بجلي، گيس چوري ۽ بي آر ٽي پشاور ۾ نيب ڪٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔