پ پ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کي عدالت ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي.

سينيٽ جي چونڊ ۾ سينيٽ چيئرمين جي اميدوار يوسف رضا گيلاني طرفان فاروق ايڇ نائيڪ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ غيرقانوني طريقي سان رد ڪيا ويا ان ڪري ووٽن کي رد ڪرڻ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته يوسف رضا گيلاني جي رد ٿيل ووٽن کي منظور ڪري ان کي سينيٽ چيئرمين قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جي اميدوار يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ رد ٿيا هئا جنهن کان پوءِ پرزائيڊنگ آفيسر سيد مظفر علي شاهه حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي کي چيئرمين سينيت جي چونڊ ۾ ڪامياب قرار ڏنو.

جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ به اپوزيشن جي اميدوار مولانا عبدالغفور حيدري کي شڪست ملي ۽ مرزا آفريدي ڊپٽي چيئرمين بڻيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔