اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سينيٽر يوسف رضا گيلاني کي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني کي 22 مارچ تي طلب ڪيو آهي.

يوسف رضا گيلاني کي اليڪشن ڪميشن لا ونگ طرفان نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيس موجب يوسف رضا گيلاني جي خلاف نااهلي جي درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿي چڪي آهي ۽ هو 22 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ يا وڪيل ذريعي پيش ٿئي. اليڪشن ڪميشن علي حيدر گيلاني کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

درخواست ڏيندڙ فرخ حبيب، ڪنول شوزب ۽ مليڪه بخاري کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ 22 مارچ تي ٻڌڻي ڪندو. اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن کان اڳ وڊيو اسڪينڊل تي نوٽيس جاري ڪيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔