سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ تي پ پ ۽(ن) ليگ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا

لاهو: مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري تي اختلاف سامهون اچي ويا آهن.

رپورٽ موجب سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري جي معاملي تي پي ڊي ايم پارٽين ۾ اختلاف برقرار آهن ۽ ذريعن موجب سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري جي لاءِ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن وچ ۾ رابطو ٿيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ(ن) طرفان اپوزيشن اڳواڻ جي لاءِ اعظم تارڙ جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن تي پيپلز پارٽي انڪار ڪندي چيو آهي ته اعظم تارڙ بينظيرڀٽو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جو وڪيل رهيو آهي جنهن کي سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ بنائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. پيپلز پارٽي جي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي اعظم تارڙ جي نالي تي صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ (ن) ليگ جي اڳواڻن کي ٻن لفظن ۾ جواب ڏنو آهي ته بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي سزا يافته ڏوهارين جي آزادي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ اعظم تارڙ  اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔