وزيراعظم عمران خان جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو آهي: ڊاڪٽر فيصل سلطان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو آهي.

وزيراعظم جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان سماجي رابطي جي ويب سائت ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو جنهن کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس وگهي  ملڪ ۾ وڌيڪ 42 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔