ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ تي ٽڪ ٽاڪر جا ٽيهه ڀيڻ ڀائر ظاهر ٿي پيا

واشنگٽن: آمريڪا ۾ هڪ ٽڪ ٽاڪر انڪشاف ڪيو آهي ته مان والدين جو اڪيلو پٽ هئس پر جڏهن مان پنهنجو ڊي اين اي ڪرايو ته سڄي دنيا ۾ منهنجا 30 ڀيڻ ڀائر نڪري آيا.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اٽلانٽا جي 26 ساله ٽڪ ٽاڪر اينڊي نبيل پنهنجي وڊيو ۾ انڪشاف ڪيو ته مان ڪجهه ڏينهن اڳ ستل هئس ته پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ هئس پر هاڻ مون کي خبر پئي آهي ته سڄي دنيا ۾ منهنجا 30 ڀيڻ ڀائر آهن جيڪي منهنجي پيءُ سان گڏ ميڪسيڪو ۾ پارٽي ڪري رهيا آهن.اينڊي نبيل وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي والدين کي ڊي اين اي ٽيسٽ جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ته انهن حيرت جو اظهار نه ڪيو. اينڊي جي والد ٻڌايو ته اهي اسپرم ڊونر هئا.اينڊي نبيل پنهنجي ڳجهي فيملي بابت انڪشاف هڪ ٽڪ ٽاڪر جي وڊيو جي جواب ۾ ڪيو جنهن ۾ ٽڪ ٽاڪر ماڻهن کان سوال ڪيو هو ته ڇا هو پنهنجي فيصلي جي باري ۾ ڪو راز ڄاڻڻ چاهين ٿا.ان وڊيو کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي 13 لک کان وڌيڪ صارفين ڏٺو ۽ 2 لک 35 هزار لائيڪ ۽ ڪمنٽس ڪيا ويا. گهڻن صارفين اينڊي کي اها حقيقت مڃڻ ۽ ميڪسيڪو ۾ والد سان گڏ ڀيڻ ڀائرن جي پارٽي ۾ شرڪت جو مشورو ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔