وزيراعظم عمران خان اڄ قومي اسيمبلي کان اعتماد جو ووٽ وٺي رهيو آهي

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ قومي اسيمبلي کان اعتماد جو ووٽ وٺي رهيو آهي، اسيمبلي جو اجلاس سوا ٻارهين وڳي ٿيندو،

ايوان جي ڪارروائي شروع ٿيڻ تي اسپيڪر 5 منٽن تائين ايوان ۾ گهنٽي وڄائي ميمبرز جي حاضري کي يقيني بڻائيندو، اُن کانپوءِ ايوان جا در بند ڪيا ويندا ته جيئن ڪو ميمبر ٻاهر نه وڃي سگهي ۽ ٻاهريون ميمبر اندر نه اچي سگهي،

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم تي اعتماد جي حوالي سان ٺهراءُ پيش ڪندو، پي ڊي ايم طرفان قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔