ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 14.95 سيڪڙو تي پهچي وئي

اسلام آباد: ملڪ ۾ مهانگائي جو سلسلو بيهي نه سگهيو ۽ مسلسسل هتين هفتي به ضرورت جي شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي.
شماريات واري اداري هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب هلندڙ هفتي ۾ مهانگائي 0.61 سيڪڙو وڌي وئي جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 14.95 سيڪڙو ٿي وئي.
شماريات واري اداري جو چوڻ آهي ته کائڻ پيئڻ وارين شين جي اگهن ۾ واڌ مهانگائي جو سبب بڻيو ۽ هڪ هفتي ۾ 22 ضرورت جون شيون مهانگيون ٿيون.
شماريات واري اداري موجب ڪڪڙ جو گوشت 13 رپيا 30 پيسا في ڪلو مهانگو ٿيو ۽ ڪڪڙ جي اوسط في ڪلو قيمت 263 رپيا 58 پيسا ٿي وئي.
اداري جو چوڻ آهي ته کنڊ 2 رپيا 64 پيسا في ڪلو وڌيڪ مهانگي ٿي ائين کنڊ جي واسط في ڪلو قيمت 96 رپيا 68 پيسا ٿي وئي.
ماش جي دال 3 رپيا 64 پيسا، مسور جي دال هڪ رپيو 37 پيسا في ڪلو، مڱن جي دال 37 پيسا ۽ چڻن جي دال 34 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي جڏهن ته بصر 81 پيسا ۽ پٽاٽا هڪ رپيو 40 پيسا في ڪلو مهانگا ٿيا.
اداري ٻڌايو ته ڳائو گوشت 92 پيسا ۽ ٻاڪرو گوشت 35 پيسا في ڪلو مهانگو ٿيو جڏهن ته ٻاڪري گوشت جي قيمت 1001.57 ۽ ڳائو گوشت 477 رپيا في ڪلو ٿي ويو.
شماريات واري اداري جي انگن اکرن موجب تازي کير، ڏهي، بيضن، صابڻ، چانورن جا اگهه به وڌيا جڏهن ته هڪ هفتي دوران ملڪ ۾ 5 شيون سستيون ٿيون ۽ هلندڙ هفتي اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 8 رپيا 4 پيسا سستو ٿيو.
ٿوم 17 رپيا 29 پيسا في ڪلو سستي ٿي جڏهن ته ڳُڙُ، ٽماٽن ۽ ٻارڻ جي اگهن ۾ گهٽتائي ريڪارڊ ٿي.
ان کان سواءِ هلندڙ هتي 24 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔