ڪراچي ۾ ڊيري مافيا جو راڄ، کير 130 رپيا ليٽر وڪرو

ڪراچي: ڪراچي ۾ کير وڪرو ڪندڙن کير اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
شهر جي ڪجهه علائقن ۾ کير وڪرو ڪندڙن کير جي قيمت ۾ من پسند واڌ ڪري رکي آهي ۽ گذريل هڪ هفتي کان شهر ۾ کير 130 رپيا ليٽر وڪرو ڪيو پيو وڃي.
ڪراچي جي انتظاميا کير وڪرو ڪندڙن جي آڏو بيوس آهي ۽ صارف 130 رپيا ليٽر کير خريدڻ تي مجبور آهن.
صارفن جو چوڻ آهي ته انتظاميا جي نااهلي آهي ته بنا اجازت کير جا اگهه مقرر ڪيا ويا آهن ۽ انتظاميا ان حوالي سان خراب نموني ناڪام آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔