پي ايس ايل لاءِ قائم ڪورونا ويڪسين سينٽر ختم

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل لاءِ قائم ڪيل ڪورونا ويڪسين سينٽر کي ختم ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي جي ڪورونا ويڪسين سينٽر ۾ 160 رانديگرن ۽ آفيشلز ڪورونا ويڪسين هڻائي.
ذريعن موجب پي ايس ايل ۾ شريڪ 4 پرڏيهين به ڪورونا ويڪسين هڻائي جنهن ۾ 2 رانديگر ۽ 2 ڪوچنگ اسٽاف شامل آهي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ويڪسين لاءِ وڌيڪ درخواستون هجن ها ته سينٽر ختم نه ڪيون هان.
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪورونا وائرس جي ڪري ايونٽ کي ملتوي ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔