ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيسز وڌي وڃڻ سبب پي ايس ايل 6 ملتوي

ڪراچي : ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيسز  وڌي وڃڻ سبب پي ايس ايل  6  کي ملتوي ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته پرڏيهي رانديگرن جي هٿ کڻڻ سبب ايونٽ ملتوي ڪيو ويو،

پي سي بي جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل جو ڇهون ايڊيشن ملتوي ڪيو ويو، پي ايس ايل 6 دوران 7 رانديگر ڪورونا جو شڪار ٿي چڪا آهن،

 پاڪستان سپر ليگ ۾ هن وقت تائين ڪورونا جا 7 ڪيسز رپورٽ ٿي چڪا آن، جنهن جي ڪري ڪراچي ڪنگز جو رانديگر ڊين ڪرسٽين به پي ايس ايل کي ڇڏي چڪو آهي، جنهن جي تصديق پي سي بي طرفان ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جو آغاز 20 فيبروري تي ٿيو هو ۽ ايونٽ ۾ هن وقت تائين 14 ميچز ٿي چڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔