آصف زرداري، نوازشريف ۽ فضل الرحمان وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.

ذريعن موجب آصف زرداري سينيٽ چوندن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي يقيني بنائڻ تي ٻنهي اڳواڻن جو ٿورو اداڪيو. اڳوڻي صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته يوسف رضا گيلاني اسان جو گڏيل اميدوار هو. ان جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي ڪاميابي آهي. ان اتحاد سان عمران خان کي جلد اقتدار مان رخصت ڪنداسين.

ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته اسان گڏيل حڪمت عملي سان حڪومتي طاقتور اميدوار کي شڪست ڏني آهي. هاڻ اتحادين جي صلاح مشوري سان سينيٽ چيئرمين جي اميدوار جو فيصلو ڪنداسين. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته حڪومت جا پنهنجا ميمبر اسان سان رابطي ۾ آهن ۽ هو حڪومت مان تنگ آهن.

ذريعن موجب ٽنهي اڳواڻن پي ڊي ايم جي مستقبل جي حڪمت عملي ۽ لانگ مارچ جي تيارين تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. جڏهن ته وزيراعظم کان فوري طور تي استعيفيٰ ۽ نئين چونڊن جو مطالبو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔