سموريون سرڪاري مصروفيتون ملتوي، وزيراعظم پارٽي اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سموريون سرڪاري مصروفيتون ترڪ ڪري سينئر پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر پارٽي اڳواڻن ۽ وزيرن کي وزيراعظم هائوس طلب ڪيو آهي.

رپورٽون آهن ته وزيراعظم اڄ ٻنپهرن جو وزيراعظم هائوس ۾ عبدالحفيظ شيخ جي شڪست وارن سببن  تي بريفنگ وٺندو. وزيراعظم اعتماد جو ووٽ وٺڻ بابت پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪندو ۽ اجلاس ۾  ٻين اهم فيصلن جو به امڪان آهي. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ پي ڊي ايم تحريڪ جو به جائزو ورتو ويندو.

ياد رهي ته سينيٽ  چونڊن ۾ اسلام آباد جي جنرل سيٽ تي پاڪستان ڊيمو ڪريتڪ موومينٽ جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني غير امڪاني طور تي کٽي ويو آهي. تحريڪ انصاف اميدوار حفيظ شيخ کي يوسف رضا گيلاني جي مقابلي ۾ گهٽ ووٽ مليا. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي عورت اميدوار کي وڌيڪ ووٽ مليا. وزيراعظم عمران خان سينيٽ ۾ اپ سيٽ کان پوءِ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو هو.

هن چيو ته جنهن کي  مون تي اعتماد ناهي اهو سامهون اچي اظهار ڪري. اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو مقدس پئسن جي سياست کي بي نقاب ڪرڻ آهي. فيصلو ڪيو آهي ته هن ايوان مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪريان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔