حڪومتي وفد جي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات، سينيٽ چونڊن ۾ بيلٽ پيپر سڃاڻپ جوڳا بڻائڻ جي گهر

اسلام آباد: سينيٽ چونڊن تي سپريم ڪورٽ جي راءِ ايندي ئي حڪومتي وزير اليڪشن ڪميشن پهچي ويا، وفد جي صورت ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ميمبرز سان ملاقات، حڪومتي وفد طرفان بيلٽ پيپر کي سڃاڻپ جوڳو بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي اپيل، ملاقات بعد وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اهڙا قدم کڻي، جو سينيٽ چونڊن دوران ڪرپشن نه ٿئي، شفاف چونڊون يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، سپريم ڪورٽ ووٽ ڳجهو نه رهڻ واري پي ٽي آءَ جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ووٽ اليڪشن ڪميشن لاءِ نه، پر سياسي پارٽيز لاءِ ڳجهو ٿي سگهي ٿو، اپوزيشن سينيٽ چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ووٽ خريد ڪري پنهنجا اُميدوار ڪامياب ڪرائين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔