سينيٽ چونڊون آئين تحت اوپن بيلٽ وسيلي نه ٿيون ڪرائي سگهجن: سپريم ڪورٽ

اسلام آبادم : سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو آهي ته سينيٽ چونڊون آئين تحت ڳجهي طريقي سان ٿينديون،

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 4 رڪني بنيچ مان هڪ جج جسٽس يحييٰ آفريدي هن راءِ کان اختلاف ڪيو، عدالت پنهنجي راءِ ۾ چيو آهي ته سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان نٿيون ڪرائي سگهجن، ان ڪري سينيٽ اليڪشن قانون جي بجاءِ آئين تحت ڳجهي طريقي سان ٿيندي،

چيف جسٽس پاڪستان جو چوڻ آهي ته هاڻي عدالت مختصر فيصلو جاري ڪيو آهي، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو،

چيف جسٽس چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته چونڊ عمل ۾ ڪرپشن کي روڪي ۽ سمورا ادارا اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ جا پابند آهن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊن لاءِ قدم کڻي سگهي ٿو،

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ووٽنگ جو عمل ڪيتري حد تائين ڳجهو هجڻ گهرجي ان جو حد مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته ووٽ هميشه لاءِ ڳجهو نٿو رهي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔