آئرلينڊ ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون جي خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ٽيويهه ڄڻا گرفتار

آئرلينڊ: آئرلينڊ جا شهري ڊبلن ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون جي خلاف روڊن تي نڪري آيا.پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس طرفان روڪڻ تي مڇريل مظاهرين پوليس تي حملو ڪري ڏنو جڏهن ته حملي کان پوءِ پوليس 13 ڄڻن کي گرفتار به ڪري ورتو آهي.ياد رهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران آئرلينڊ ۾ ڪورونا سبب 738 نوان ڪيس سامهون آيا آهن ۽ وڌيڪ 13 ڄڻا وبا سبب فوت ٿي ويا آهن.نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ آئرلينڊ ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 2 لک 18 هزار 980 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔