اڳوڻي اسٽيل ملز چيئرمين معين آفتاب سميت ٻيا ڪرپشن ريفرنس مان بري

ڪراچي: ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي اسٽيل ملز چيئرمين معين آفتاب شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي ڪرپشن ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو. نيب پراسيڪيوشن الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ احتساب عدالت ريفرنس ۾ نامزد سڀني جوابدارن کي بري ڪيو. واضح رهي ته معين آفتاب شيخ ۽ ٻين تي اسٽيل ملز ڪينٽين جي ڪانٽريڪٽ ۾ ڪرپشن جو الزام هو. ريفرنس ۾ نامزد ٻين جوابدارن ۾ عبدالقيوم، رفيق خان، امتيازالحق، اصغر، زاهد علي ۽ اسلم شامل هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔