دنيا ڏٺو ته اسان امن لاءِ ڀارتي پائلٽ کي واپس ڪيو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته امن خاطر ڀارتي پائلٽ اڀي نندن کي آزاد ڪيو ويو. آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي شاهه محمود قريشي پنهنجي بيان ۾ چيو ته مودي حڪومت خطي جو امن متاثر ڪيو پر دنيا ڏٺو ته اسان خطي ۾ امن لاءِ ڀارتي پائلٽ کي واپس ڪيو. هن چيو ته ڪنٽرول لائن تي سيزفائر جي بحالي سٺو سنئوڻ آهي ۽ پاڪستان جي خواهش آهي ته ايل او سي جي ٻنهي پاسن ۾ امن هجي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ اقليتن جي انساني حقن جي پامالي ڪئي پئي وڃي، هاڻ ڀارت جي دانشور طبقن به مودي جي ڪشمير پاليسي کي ناڪام قرار ڏئي ڇڏيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته خطي جو امن متاثر ڪرڻ جي مسئلن کي ٻنهي پاسن کان حل ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔