موجوده حڪومت کي وڌيڪ هزار ڏينهن به ملي وڃن به ڪجهه نٿي ڪري سگهي: سراج الحق

ملتان: جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته شرعي طور مسلمانن جو پئسو مندر تي نٿو لڳي سگهي. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته حڪومت سينيٽ چونڊن ۾ ٽڪيٽون پئسي جي بنياد تي ڏنيون آهن، پي ٽي آءِ جي هڪ شخص پاڻ ٻڌايو ته 35 ڪروڙ رپين ۾ سينيٽ ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت کي وڌيڪ هڪ هزار ڏينهن به ملي وڃن ته ڪجهه نٿي ڪري سگهي، سوچڻو پوندو ته ڪورونا وڌيڪ نقصان پهچايو يا هن حڪومت؟ پي ٽي آءِ جن جو احتساب چاهي ٿي، اهي حڪومت ۾ آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شرعي لحاظ سان مسلمانن جو پئسو مندر تي نٿو لڳي سگهي، مندر جي اڏاوت لاءِ ڪو وزير پنهنجي کيسي مان پئسا ڏئي ٿو ته ان جي مرضي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔