بالي ووڊ جي بادشاهه اميتاب بچن جي طبيعت خراب، مداحن ۾ ڳڻتي جي لهر

ممبئي: بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اميتاب بچن جي تازي پوسٽ مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.بالي ووڊ جو بادشاهه اميتاب بچن سوشل ميڊيا تي ڪافي ايڪٽو رهندو آهي ۽ مختلف وقتن تي هو مداحن سان رابطا قائم رکندي انهن کان سوال جواب به ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي حوالي سان ڄاڻ به ڏيندو آهي. پر ان طرفان تازي پوسٽ مداحن کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ليجنڊ اداڪار اميتاب پنهنجي تازي پوسٽ ۾ صرف ايترو لکيو آهي ته طبي حالت سرجري، وڌيڪ نٿو لکي سگهان.بگ بي جي ان ٻن لفظن سان مداحن ۾ ڳڻتي جي لهر ڊوڙي وئي آهي ۽ هو ان سان سماجي رابطن جي ويب سائٽس تي مختلف سوال پڇڻ لڳا. ايمتاب بچن جي پوسٽ مان اهو واضح ناهي ٿيو ته ان جي ڪهڙي سرجري ڪئي پئي وڃي يا پوءِ هو سرجري ڪرائي چڪو آهي ۽ هاڻ ان جي طبيعت صحيح نه پئي ٿئي. مداحن به اهڙي طرح جا مختلف سوال پڇيا ويا پر ليجنڊ اداڪار طرفان ڪوبه جواب ناهي ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔