پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ اتحادي اسان سان رابطن ۾ آهن: بلاول ڀٽو

ڪوهاٽ: پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ اتحادي اسان سان رابطن ۾ آهن، کين چئو اٿئون ثابت ڪريو ته سينيٽ چونڊن ۾ عوام ۽ سليڪٽيڊ حڪمرانن مان ڪنهن سان گڏ آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اسان جي حڪمت عملي سان حڪمران پهريون ڀيرو ايم اين ايز ۽ اتحادين سان ڳالهائڻ لاءِ مجبور ٿي وئي، پر هاڻي گهڻي دير ٿي وئي، پي ٽي آءِ جي ميمبرز ۽ اتحادين ڪٺ پُتلي حڪمرانن کي ووٽ نه ڏنو ته اها جمهوريت جي ڪاميابي هوندي، اسان جي جدوجهد ڪٺ پُتلي حڪومت ۽ سليڪٽيڊ نظام خلاف آهي، ساهه جي آخري گهڙي تائين اها جدوجهد جاري رکي ويندي، ڪوهاٽ ۾ جلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو چيو ته سليڪٽيڊ حڪمرانن ۾ ملڪ هلائڻ جي صلاحيت ئي نه آهي، نالائق حڪومت عوام کي قرضن ۽ بحرانن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔