سنڌ پوليس جا اعليٰ آفيسرز صوبي بدر ٿيڻ تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار ٻيهر آمهون سامهون

ڪراچي: سنڌ پوليس جا اعليٰ آفيسرز هڪ ڌڪ سان صوبي بدر ٿيڻ تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار ٻيهر آمهون سامهون، وفاقي سرڪار ايف آءِ اي سنڌ جي ڊائريڪٽر منير شيخ سوڌو پوليس آفيسرز کي بدلي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، روٽيشن پاليسي تحت ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي جون خدمتون موٽر وي پوليس ۽ ڊي آءِ جي ٽرئفڪ اقبال دارا جون خدمتون پنجاب سرڪار حوالي، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ عرفان بلوچ ۽ ڊي آءِ جي ٽي اينڊ ٽي قمر الزمان جون به خدمتون به سنڌ سرڪار کان واپس، سنڌ سرڪار روٽيشن بُنياد تي پوليس آفيسرز جي بدلي تي اعتراض واري ڇڏيا، اهم آفيسرز جي بدلي وفاقي سرڪار جي بوکلاهٽ جو نتيجو قرار، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ پوليس جي ايماندار ۽ قابل آفيسرز جون بدليون ڪيون ويون آهن، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي ته ذميوار وفاقي سرڪار هوندي، پي ٽي آءِ وارا چاهين ٿا ته پنجاب ۽ ڪي پي جيان سنڌ پوليس به سندن غلامي ڪري، آءِ جي سنڌ سوڌو پوليس جي اهم آفيسرز کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔