عمران خان هڪ ڀيرو سازش ذريعي اقتدار ۾ اچي ويو، ٻيهر ائين نه ٿيندو: مريم نواز

لاهور: عمران خان هڪ ڀيرو سازش ذريعي اقتدار ۾ اچي ويو، ٻيهر ائين نه ٿيندو، سينيٽ چونڊن کانپوءِ لانگ مارچ جي تيار ڪنداسين، پر ٿي سگهي ٿو لانگ مارچ جي ضرورت ئي نه پئي، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جي بدترين ڪارڪردگي سبب سندس ووٽ بئنڪ تي خراب اثر پيو آهي، هاڻي عمران خان جا پنهنجي ماڻهو به سندس ساٿ نه ڏيندا، سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جا ميمبرز پنهنجي پارٽي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، پنجاب ۾ سينيٽ چونڊن بابت نه ڳالهايان ته بهتر آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته حمزه شهباز 2 سال ناحق جيل ڪاٽي، هو نواز ليگ جو پُرعزم ڪارڪن آهي، پارٽي حمزه ۽ مون کي جيڪا به ذميواري ڏيندي، اُها پوري ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔