نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز ضمانت منظور ٿيڻ بعد جيل مان آزاد

لاهور: نواز ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حمزه شهباز کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي، حمزه شهباز کي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو، حمزه شهباز جي هڪ، هڪ ڪروڙ رپين جي ضمانتي مچلڪي ادريس رفيق ۽ عديل خان جمع ڪرائي، جنهن جو عدالتي عملي طرفان جائزو ورتو ويو، ضمانتي مچلڪن جي تصديق بعد حمزه شهباز جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو ويو، احتساب عدالت جي ڊيوٽي جج اڪمل خان حمزه شهباز جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو، حمزه شهباز جو شاندار استقبال ڪيو پيو وڃي، عدالت ٻاهران وڏي انگ ۾ نواز ليگ جا ڪارڪن پهتا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔