ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران حليم عادل شيخ جي آزادي وارو فيصلو ملتوي

ڪراچي: ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي آزادي وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ حليم عادل شيخ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير بعد فيصلو سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته حليم عادل شيخ کي ملير جي تڪ تي ننڍي چونڊ دوران گرفتار ڪيو ويو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔