اُم رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل وارو ڪيس: جوابدار ڌُر پاران تياري لاءِ مهلت طلب

دادو: دادو جي عدالت ۾ اُم رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي دوران جوابدار ڌُر طرفان تياري لاءِ مهلت طلب، ماڊل ڪورٽ جوابدار ڌُر جي استدعا تي ٻڌڻي 12 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اُم رباب چيو ته جوابدار ڌُر کين هراسان ڪري رهي آهي، پر هو انصاف ملڻ تائين جدوجهد جاري رکندي، برهان چانڊيو مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي سندس بيان موجود آهي، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اُم رباب همدرديون وٺڻ لاءِ ڪوڙا الزام مڙهي رهي آهي، چاهيون ٿا ته ڪيس جلد اُڪلائجي وڃي ۽ ميهڙ واقعي جا اصل جوابدار گرفتار ٿين، اُم رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل واري واقعي سان اسان جو ڪوبه واسطو نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔