پ پ پاران سينيٽ چونڊن ۾ حمايت لاءِ رابطا تيز، متحده اڳواڻن سان ملاقات

ڪراچي: پيپلز پارٽي طرفان سنڌ ۾ سينيٽ چونڊن دوران مختلف پارٽيز جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ رابطا تيز، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد طرفان بهادر آباد پهچي متحده اڳواڻن سان ملاقات، سينيٽ چونڊن حوالي سان ڳالهيون، ملاقات بعد صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته متحده سان سنڌ سوڌو اسلام آباد ۾ سينيٽ اُميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي مامري تي ڳالهيون ٿيون، متحده سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ تيار آهيون، متحده جا مطالبا پ پ قيادت آڏو پيش ڪنداسين، متحده اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته صوبائي وزيرن آڏو سدائين مسئلن خلاف آواز اٿاريو آهي، سينيٽ چونڊن جي مامري تي رابطا ڪميٽي ۾ صلاح مشورن بعد فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔