27 فيبروري پاڪستاني فوجي جي عزم ورجائڻ جو ڏينهن آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد: پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر جي سربراهه ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته 27 فيبروري 2019 پاڪستاني فوج جي عهد ورجائڻ جو ڏينهن آهي .

مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئٽر تي شيئر ڪيل پنهنجي پيغام ۾ سندس چوڻ هو ته قوم جي حمايت سان سڀني خطرن خلاف سدائين مادر وطن جو دفاع ڪنداسين .

خيال رهي ته ڀارت جي تاريخي شڪست کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن . 27 فيبروري 2019 تي پاڪستان جي هوائي فوج ڏينهن جي روشني ۾ ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو ۽ ان جا ٻه جهاز ماري ڪيرايا هئا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔