اڄوڪي ڏينهن تي هڪ قوم طور ڀارت کي جواب ڏنو : وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻه سال اڳ هن ئي ڏينهن تي اسان وقت ۽ جاءِ جي چونڊ ڪري هڪ قوم طور ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو هو .

27 فيبروري 2019 تي پاڪستاني فورسز ڀارتي مهم جوئي جو ڀرپورجواب ڏيندي ڀارتي هوائي فوج جا ٻه جهاز ڪيرايا هئا ۽ هڪ پائلٽ ونگ ڪمانڊر اڀي نندن کي حراست ۾ ورتو هو .

ان ڏينهن جي مناسبت سان وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي .

عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي فوجي مهم جوئي خلاف جوابي ڪارروائي جا ٻه سال پورا ٿيڻ تي قوم ۽ هٿياربند فوج کي مبارڪ ٿو ڏيان .

سندس چوڻ هو ته هڪ قابل فخر ۽ پر اعتماد قوم طور اسان وقت ۽ جاءِ جي چونڊ ڪري ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ، ڀارت جو پڪڙيل پائليٽ واپس ڪري ڀارتي غير ذميوارانا فوجي قدم تي ذميواراڻو قدم کنيو.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان سدائين امن لاءِ ڪم ڪندا آهيون ۽ مڙني مسئلن کي ڊائلاگ وسيلي حل ڪرڻ جو عزم رکون ٿا.

عمران خان پاڪ ڀارت ڊي جي ملٽري آپريشنز وچ ۾ هاٽ لائن تي رابطي جي حوالي سان چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر معاهدي جي بحالي جي آجيان ڪريون ٿا ، پر وڌيڪ سازگار ماحول جوڙڻ جي ذميواري ڀارت تي آهي .ڍ هن مطالبو ڪيو ت ڀارت ڪشميرين  جي عام راءِ کي اهميت وارو مطالبو پورو ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کڻي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔