پاڪستان جي هوائي فوج پاران ڀارتي جهاز ڪيرائڻ کي 2 سال مڪمل، ايئرفورس جي جوانن کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ تقريب

اسلام آباد: پاڪستان جي هوائي فوج پاران ڀارتي جهاز ماري ڪيرائڻ کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا، 27 فيبروري 2019ع تي آپريشن سوئيفٽ رٽارٽ دوران بهادري جو نئون داستان لکندڙ ايئرفورس جي جوانن کي سلام پيش ڪيو ويو، اسلام آباد ايئر هيڊڪوارٽر ۾ خصوصي تقريب دوران فلاءِ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو ، پريڊ ۽ ملي نغمن سان بهادر فوجي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان تقريب کي خطاب دوران چيو آهي ته دُنيا ڏٺو ته پاڪستان امن لاءِ ڀارتي پائليٽ کي سندس ملڪ واپس اُماڻي ڇڏيو هو،  آپريشن سوئيفٽ رٽارٽ ذريعي ملڪ جو ڀرپور دفاع ڪيو، پاڪ ايئر فورس ملڪ جي ڀرپور دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڪنهن به قسم جي اڳرائي تي ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔