سکر ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڳجهي اداري جي گڏيل ڪارروائي،پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 مبينا دهشتگرد مارجي ويا

سکر : سکر ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڳجهي اداري جي گڏيل ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم جا ٻه مبينا دهشتگرد مارجي ويا، سي ٽي ڊي انچارج موجب گذريل رات سکر جي پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران مقابلي ۾ ٻه دهشتگرد زخمي ٿي پيا، جن اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ دم ڏئي ڇڏيو، سي ٽي ڊي انچارج موجب پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي هئي. سي ٽي ڊي انچارج موجب مارجي ويل ٻنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ ولايت زيب ۽ شاهه محمود جي نالن طور ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔