وزيراعظم عمران خان پاران ڪنٽرول لائين تي سيز فائر معاهدي جي بحالي جي آجيان

اسلام آباد : 2 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي اسان هڪ قوم جي حيثيت سان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو هو، ڀارتي فوج جي اڳرائي خلاف ڀررپور جوابي ڪارروائي تي قوم ۽ هٿياربند فوج کي واڌايون ڏيان ٿو، وزيراعظم جو آپريشن سوئيفٽ رٽارٽ کي 2 سال پورا ٿيڻ تي جاري ڪيل بيان ۾ اظهار، وزيراعظم عمران خان ڪنٽرول لائين تي سيز فائر معاهدي جي بحالي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سدائين امن لاءِ ڪم ڪندو آهي، اسان سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو عزم رکون ٿا، ڀارتي فوج جي غير ذميواراڻي قدم باوجود پائليت کي واپس ڪري اسان ذميواراڻو عمل اختيار ڪيو، هاڻي وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ذميواري ڀارت تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔