ڊسڪه جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو تعريف جوڳو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌي ڊسڪه جي ضمني چونڊ جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي تعريف جوڳو قرار ڏنو آهي.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي  فواد چوڌري چيو ته پئسا وٺي ووٽ ڏيڻ جي الزامن تي وزارت مان نيڪالي ڏيندڙ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر سلطان محمد خان کي وزيراعليٰ محمود خان ملاقات جي لاءِ گهرائي ورتو. هن چيو ته سلطان محمد سينيٽ اميدوارن جي نامزدگي تي پارٽي فيصلن جي تائيد ڪئي آهي.

وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سلطان محمد خان سان ملاقات ڪئي آهي ته هن هڪ سيٽ جي ڪري پنهنجي ساک تي سمجهوتو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊسڪه جي ضمني چونڊن جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو تعريف جوڳو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔