پي ايس ايل سڪس ۾ اڄ ٻه ميچ کيڏيا ويندا

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل)سيزن 6 ۾ اڄ 2 ميچ کيڏيا ويندا. پي ايس ايل سيزن 6 ۾ اڄ جو پهريون ميچ ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطان وچ ۾ کيڏيو ويندو.

ميچ جي شروعات ڏينهن جو 2 وڳي ٿيندي. پوائنٽس ٽيبل تي ٻنهي ٽيمن جا پوائنٽس برابر آهن. پي ايس ايل جو اڄ ٻيون ميچ پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي وچ ۾ شام جو 7 وڳي  شروع ٿيندو. پوائنٽس ٽيبل تي پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ 4-4 پوائنٽس سان گڏ برابر آهن.

گذريل ڏينهن به پي ايس ايل 6 جا ٻه ميچ کيڏيا ويا هئا. پهريون ميچ ملتان سلطان ۽ لاهور قلندر جي وچ ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ ملتان سلطان لاهور قلندر کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني ۽ ملتان سلطان لاهور قلندر طرفان ڏنو ويو. 150 رنسن جو حدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔